شرح چهل حديث (قلمي نسخو)

شرح چهل حديث (قلمي نسخو)

شرح چهل حديث قلمي نسخو

شرح چهل حديث (قلمي نسخو): هي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي نسخو چاليهن حديثن، انهن جي ترجمي ۽ شرح تي
مشتمل آهي، جنهنجو مصنف شهاب الدين دولت آبادي آهي. هن ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلھ وسلم جي آل جي فضيلت متعلق حديثون ڏنل آهن. هي قلمي نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هن ۾ ڪل 113 صفحا آهن ۽ هر صفحي تي 12 سٽون لکيل آهن. ڪاتب آخوند لائق ڏنو صديقي آهي جنهن 1240هه/ 1824ع ۾ اهو لکي پورو ڪيو.
ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمان الرحيم الحمد لله رب العالمين
والعاقبة للمتقين والصلوات علي رسولھ
محمد و آلھ اجمعين...”
۽ اختيام هنن لفظن تي ٿئي ٿو:
“روئي انصار و اعوانش تمام
لعنت حق باد تا يوم القيام”
هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو